اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي 16 فيبروري کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. اپريل 2017ع ۾ ولي عهد جي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ اهو شهزاده محمد بن سلمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو پهريون دورو هوندو. ان سان گڏ سعودي ش??هي خاندان جا ميمبر، اهم وزير ۽ نالي??ار??ن ڪاروباري ش??صيتن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شهزاده محمد بن سلمان جيڪو وزيرن جي ڪائونسل جو نائب صدر ۽ دفاع ??ار?? وزير سميت سلطنت جي ڪ??ترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي ۽ 16 ۽ 17 فيبروري تي پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عار?? علوي سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج