اسلام آباد ?? 07 ??يبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا شهباز شريف طرفان پي اي سي جي چيئرمين ??ي عهدي کي بدعنواني جي ڪيسن جي خلاف ڍال طور استعمال ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اخلاقي طور تي شهباز شريف کي پي اي سي جي چيئرمين ??ي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پي اي سي جي چيئرمين ??ي عهدي کي شهباز شريف جي طرفان پنهنجي ڪيسن ۾ ڍال جي طور تي استعمال ڪرڻ تي سخت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي، شهباز شريف جڏهن کان پي اي سي جو چيئرمين ??ڻيو آهي هو پنهنجي آفيس جي ذريعي نيب ڪيسن جي جاچ کان بچي ر??يو آهي، اهڙي وڏي ڪرپشن جي ڪيس جي باوجود شهباز شريف اس??ام آباد ۾ موجود آهي ۽ هاڻي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سعد رفيق کي پي اي سي جو ميمبر بڻائي ان لاءِ روزانو پروڊڪشن آرڊر حاصل ڪري سگهجن، ان سڄي صورتحال تي شهباز شريف کي گهرجي ته اخلاقي طور تي پي اي سي جي چيئرمين ??ي عهدي کان ڌار ٿي وڃي.
وفاقي ڪابينا پاران شهباز شريف کان استعيفا جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر