نيويارڪ-02 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي موسيقار ۽ آرٽسٽ لاري اينڊريسن فسلطين جي حمايت ۾ 2001ع ۾ لکيل هڪ خط تي صحيح ڪرڻ سبب جرمني جي فوڪ وينگ يونيورسٽي آف دي آرٽ ۾ پروفيسر طور ملازمت تان هٿ کڻي ورتو آهي. اردو نيوز موجب آمريڪي آرٽسٽ ان خط تي صحيح ڪندڙن ۾ شامل هئي جيڪي 2001ع ۾ فلسطيني فنڪارن نسلي عصبيت خلاف لکيو هو ۽ جنهن کانپوءِ اوڀر يروشلم جي علائقي شيخ جره ۾ تشدد ج?? هڪ نئين لهر جنم ورتو هو. يونيورسٽي انتظاميه طرف??ن جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته فوڪ وينگ يونيورسٽي آف دي آرٽ جي عمومي فلاسفي ۾ مڪالما، بحث ۽ مباحثا اهم ٿنڀ جي حيثيت رکن ٿا. فنون لطيفه، ثقافت ۽ سائنس اهڙا ميدان هجڻ گهرجن جتي اصولي طور تي مڪالمي جي سرحدون کليل ۽ وسيع هجن تي تڪراري معاملن جي نگراني ٿي سگهي. يهود دشمني، مردم بي??ار?? يا نسلي عصبيت کي يونيورسٽي سختي سان رد ڪري ٿي. واضح رهي ته اينڊرسن 4 فيبروري تي منعقد ٿيندڙ گرامي ايوارڊز ۾ لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪندي.
فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي فنڪار جرمن يونيورسٽي جي ملازمت تان هٿ کڻي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی