بيجنگ-18 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان بريفنگ دوران چيو ته اسان کي اميد آهي ت?? ٻئي ڌُريون تحمل کان ڪم وٺنديون ۽ ڇِڪتاڻ کا?? بچنديون. جيڪڏهن ضرورت پئي ت?? اسان صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ت?? ٻئي ڌُريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون ۽ ڇِڪتاڻ کا?? بچنديون. ترجمان چيو ته چين ??ميشه ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مقصدن ۽ اصولن جي بنيادن تي پرکڻ گهرجي ۽ اسان سمجهون ٿا ته سمورين ڌُرين کي ٻين ??لڪن کي آزادي، خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي ت??ام گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ترجمان چيو ته ايران ۽ پاڪستان ويجها پاڙيسري ملڪ ۽ اثر رسوخ رکندڙ ملڪ آهن.
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: چين
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل