اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جاري مال?? سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف طرفان جاري 2023ع جي اقتصادي منظرنامي جي عنوان سان هڪ رپورٽ ۾ ڪئي آهي. رپورٽ مطابق 2022ع ۾ عالمي اقتصادي اوسر جي شرح 3.5، 2023ع ۾ 3 سيڪڙو ۽ 2024ع ۾ 2.9 سيڪڙو رهڻ جو ا??ڪان آهي. اسريل معيشتن ۾ مال?? سال 2024ع دوران اقتصادي اوسر جي شرح 1.4 ??يڪڙو رهڻ جو ا??ڪان آهي. گذريل سال ڄاڻايل معيشتن ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 2.6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اڀرندڙ ۽ اسريل معيشتن ۾ جاري مال?? سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تائين رهڻ جو ا??ڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل معيشتن ۾ گذريل مال?? سال دوران اقتصادي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو ۽ 2022ع ۾ 4.1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته معاشي ط??ر تي ڪمزور ملڪن ۽ معيشتن کي ترقي جي سمر مان لاڀ کڻڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. آءِ ايم ايف موجب مال?? سال 2024ع ۾ آمريڪا جي اوسر جي شرح 1.5 سيڪڙو، جرمني 0.9 سيڪڙو، فرانس 1.3 سيڪڙو، اٽلي 0.7 سيڪڙو، اسپين 1.7 سيڪڙو، ڪينيڊا 1.6 سيڪڙو، چين 4.2 سيڪڙو، ڀارت 6.3 سيڪڙو، روس 1.1 سيڪڙو، برازيل 1.5 سيڪڙو، مراڪش 6.3 سيڪڙو، سعودي عرب 4 سيڪڙو، نائيجيريا 3.1 سيڪڙو ۽ ڏکڻ آفريقا جي اقتصادي اوسر جي شرح 1.8 سيڪڙو رهڻ جو ا??ڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ مطابق جاري مال?? سال ۾ عالمي سطح تي ناڻي واڌ جي شرح 4.8 سيڪڙو سراسري ط??ر رهندي جيڪا 2022ع ۾ 9.2 سيڪڙو ۽ 2023ع ۾ 5.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
آءِ ايم ايف طرفان هلندڙ سال دوران سڄي دنيا ۾ اقتصادي اوسر جي شرح 2.9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔