انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق ترڪ نائب صدر چيو آ??ي ته ملڪ ۾ زلزلي سبب هاڻي تائين 284 فوتگين جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آ??ي ته هاڻي تائين زلزلي سبب 237 ڄڻا فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حا??تون لاڳو ڪندي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي جي شديد تباهي بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح ر??ي ته زلزلي جي لوڏن سان ترڪيه جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباه ٿيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻي?? ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حا??تن جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آ??ي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته ج??ين امدادي ڪارڪنن کي رابطن ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ