اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن جي نيوز پروڊيوسرن ۽ رپورٽرن جي صلاحيتن کي جديد دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پي ٽي وي اڪيڊمي ۾ 5 ڏينهن وارو ت??بي??ي ورڪشاپ ٿيو جنهن جي پڄاڻي واري تقريب جي خاص مهمان اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي ايم ڊي صباءَ محسن هئي. هن ڪورس ۾ شرڪت ڪندرن ۽ مهمانن کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي وي جو ماضي شاندار آهي ۽ اهڙي طرح جي جديد رخن تي ٻڌل ت??بي??ي ڪورسز سان پي ٽي وي جو مستقبل به شاندار ٿيندو. موجوده دور جي بدلجندڙ ضرورتن سان گڏ ٽيليويزن تي خبرن جو انداز به بدلجي ويو آهي. هن چيو ته اها وقت جي ضرورت آهي ته پي ٽي وي اڪيڊمي، ريڊيو پاڪستان ۽ انفارميشن سروسز اڪيڊمن جي حصيداري سان جديد رخن تي ٻڌل ڪورسز جو اهتمام ڪيو وڃي. ان ??وق??ي تي هن ڪورسز مڪمل ڪندڙ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد پيش ڪئي. تقريب جي آخر ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي ايم ڊي صبا محسن ڪورس مڪمل ڪندڙ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 22:37
پي ٽي وي جو ماضي شاندار آهي: صباءَ محسن
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔