غزه-12 ڊسمبر (اي پي پي)غزه تي اسرا??يل جي تاز?? حملن ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت تي مقرر 12 فلسطيني گارڊ شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جي سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته ڪالهه صبح اسرائيلي فضائي حملن ۾ 12 فلسطيني گار??ن کي شهيد ڪيو ويو جيڪي علائقي جي ڏاکڻي علائق?? ۾ ??مدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. ايجنسي جي ترجمان موجب رفح ۾ هڪ حملي ۾ 7 محافظ، جڏهن ته هڪ ٻي حمل?? ۾ ??ان يونس ۾ 5 محافظ شهيد ٿيا. هن چيو ته انه?? حملن ۾ اٽڪل 30 ڄڻا زخمي ٿيا جن ۾ اڪثر ٻار شامل آهن. فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي ايجنسي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اٽو کڻي ويندڙ ٽرڪ گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن جي اداري (يو اين آر ڊبليو اي) جي گودامن طرف وڃي رهيا هئا، اسرائيلي فوج انه?? حملن بابت پڇيل سوالن جا فوري طور ڪي به جواب نه ڏنا.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش