برسلز/واشنگٽن – 08 آگسٽ (اي پي پي) يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا اسرائيلي ناڻي واري وزير بي??اليل سوٽرچ جي ان بي??ن جي مذمت ۽ آمريڪا حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ه?? ته غزه جي 20 لک آبادي کي بک سان مارڻ جائز ۽ اخلاقي طور درست هوندو.. اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بي??ن کانپوءِ عالمي برادري ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. يورپي يونين چيو ته شهري?? کي بکيو رکڻ جنگي ڏوهه آهي. يورپي يونين جاري بي??ن ۾ چيو ته ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي وزير جي عالمي ۽ بنيادي انساني اصولن لاءِ نفرت جو واضح اظهار ٿئي ٿو. فرانس پڻ اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي بي??ن تي تنقيد ڪندي افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. فرانس چيو ته غزه جي ماڻه?? کي انساني امداد پهچائڻ عالمي انساني قانون تحت اسرائيل جي ذميواري آهي ڇو جو اسرائيل وٽ ئي سموري علائقي جو ڪنٽرول آهي. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسرائيلي وزير جي بي??ن جو ڪو جواز ناهي. هن اسرائيلي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو اهو بي??ن واپس وٺي ۽ ان جي مذمت پڻ ڪري. آمريڪا اسرائيل جي ناڻي واري وزير جي ان بي??ن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته غزه جي ماڻه?? کي بکيو رکڻ جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو. آمريڪي انتظاميا گذريل ڏينهن اسرائيلي وزير جي هلندڙ هفتي جي تبصرن جي عالمي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو ه?? ته اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ غزه جي پوري آبادي کي بک ذريعي مرڻ جو جواز پيش ڪري سگهجي ٿو.
يورپي يونين، فرانس ۽ برطانيا طرفان اسرائيلي وزير جي فلسطينين کي بک ذريعي مارڻ جي بيان جي مذمت، آمريڪا طرفان حيرت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria estadual