ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇڏ??و. اي ايف پي مطابق روسي صدر گ??ريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس طرفان جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏ??و آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مهيني روس جي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عم?? سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به لاڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ ان جي علامتي اهميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌيءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کا??سواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کا??پوءِ روس جي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais