اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينئر ڪشميري اڳواڻ م??مد ياسي?? ملڪ کي ڀارتي عدالت پاران جعلي الزامن تي فرد جرم لڳائڻ جي شديد مذمت ڪندي ان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جا سنگين ا??ساني نتيجا برآمد ٿيندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته م??مد ياسي?? ملڪ تي لڳايل من گهڙت الزامن کي ختم ڪري ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، هن ڀارتي عدالت پاران م??مد ياسي?? ملڪ تي غلط فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ياسي?? ملڪ غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۾ سڀني کان نمايان ۽ قابل اعتراض آواز آهي، ڀارت ان کي فوري تي آزاد ڪري ۽ ان کي پنهنجي خاندان سان ٻيهر ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته سالن کان جاري ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان جي پختي عزم ک?? اهڙي غير منصفاڻي فيصلن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. ڀارت کي ڄاڻ هجي ته هو ڪشميري عوام کي ان جي خودمختياري واري حق جي استعمال کان ??دا??ين لاءِ نٿا روڪي سگهن جيڪو انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڏنو ويو آهي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين ڀارت کي م??مد ياسين سان ٿيندڙ ان سنگين ناانصافي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ک?? اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا سنگين ا??ساني نتيجا برآمد ٿيندا.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران ياسين ملڪ جي فوري آزادي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena