اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گ??دي واري شهر اس??ام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. وفاقي وزيرن، اس??ام آباد ۾ مقرر اس??امي ملڪن جي سفيرن، اعليٰ سرڪاري آفيسرن ۽ شهر جي نمائندن پڻ صدر سان گڏ عيد جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. صدر عيد جي نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن ۾ گهلي ملي ويو ۽ هو انهن سان عيد مليو. عيد جي نماز جي اجتماع ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، بقاءَ ۽ ڪشمير ۽ فلسطين سميت والاريل مسلمان علائقن جي غيرملڪي قبضي کان آزادي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. اس??ام آباد ۾ عيد جي نماز جو سڀ کان وڏو اجتماع فيصل مسجد ۾ ٿيو جنهن ۾ هزارين فرزندان اس??ام پڻ شريڪ ٿيا. ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علوي پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ عيد جي خوشي جي موقعي تي عوام کي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری