اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخ??وم شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي سفير ??ند??ولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ت?? پاڪستان، يورپي يونين سان ٻطرفن گهڻ رخي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير ??ند??ولا ڪامينارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير ??ند??ولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر