اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستاني اسان جو قي??تي اثاثو آهن ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جا سرٽيفڪيٽس جو آن لائين جاري ڪرڻ جهڙا قدم انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت لاءِ ڏور رس نتيجن وارا هوندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار روشن ڊجيٽل اڪائونٽس بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستاني اسان جو قي??تي اثاثو آهن ۽ اسان انهن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ تاريخ ساز قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، انهن جي پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جي سرٽيفڪيٽس جو آن لائن جاري ڪرڻ جهڙا حڪو??تي قدمن انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت جي لاءِ ڏور رس نتيجا وارا هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين ۾ پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) جي شاندار ڪاميابي تي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو آر ڊي اي جي ذريعي ملي چڪو آهي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي هدايت ڪئي ته هو ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جي ذريعي پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لاءِ آن لائين ريئل ٽائيم بنيادن تي سهولت فراهم ڪري، هن لاڳاپيل عملدارن کي ٻاهرين ملڪ رهن??ڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ موثر مارڪيٽنگ مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.