اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزي??اع??م عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي مودي حڪومت پنهنجي انهن دعوائن جي نفي ڪئي آهي جيڪي ان جي پرڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ عالمي ??ان??نن جو درس جي طور تي دنيا جي سامهون ڪيون. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ڀارت جي ان خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ثبوت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ميڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي مڃيل عالمي حق کان روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير ??ان??ني قدمن جي انتهاپسنداڻي ذهنيت جو تسلسل آهي جنهن جي ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير ??ان??ني طور تي ڀارت جي ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏي.
غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ