اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن سندون پيش ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ايوان صد?? ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صد?? کي پنهنجون سندون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صد?? سان ملاقاتون به ڪيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي صد?? عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست م??ڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست م??ڪن سان لاڳاپن کي ف??وغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صد?? چيو ته پاڪستان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.
صدر کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي سفيرن پاران سندون پيش
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا