اسلام آباد – 11 جون (اي ??ي ??ي) وزير??عظ?? عمران خان 24 هزار ارب رپين جي قرض جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ۽ اعليٰ اختياراتي ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀلي منهنجي حياتي هلي وڃي پر آئون چورن کي نه ڇڏيندس ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن کي اين آر او نه ڏيندس، بجيٽ نئين پاڪستان جي عڪاسي ڪندي، الله جي مهرباني آهي جو هتي وڏا وڏا برج لڏي ويا آهن جيڪي چوندا هئا ته نيب جي ڪهڙي مجال آهي ۽ انهن جي لاءِ قانون ڪجهه به نه هو، آصف زرداري، نواز شريف ۽ ٻين جي خلاف ڪيس اسان ناهن ٺاهيا پر انهن هڪ ٻئي جي خلاف ٺاهيا، جمهوريت واقعي بهترين انتقام آهي جيڪو هنن عوام کان و??تو آهي، هنن مون کي پهرين ڏينهن کان ئي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ ناهي ڏنو، جڏهن به وڃان ٿو گوڙ ڪن ٿا. رات دير سان قوم کي خطاب ۾ وزير??عظ?? عمران خان چيو ته هي بجيٽ نئين پاڪستان جي عڪاسي ڪندي، پاڪستا?? عظيم ملڪ بڻجندو.
وزيراعظم جو قوم کي خطاب، اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا