اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جو هي ڏينهن اسان ج?? لاءِ قوم جي حيثيت سان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي خصوصي اهميت وارو آهي ڇو ته اڄ جو ڏينهن جتي پنهنجي عظيم قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي اتي سندس فڪر ۽ سوچ کي تازو ڪرڻ ۽ ان نظريي کي بنياد بڻ??ئي ا??تي وڌڻ جي عزم کي ورجائڻ جو پڻ ڏينهن آهي. وزيراعظم قائداعظم جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح سڄي عمر ٺوس دليلن ۽ جمهوري اصولن ج?? بنياد تي هندستان ج?? مسلمانن ج?? مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي حقن ۽ تشخص جو ڪيس وڙهيو.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo