اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، صنعت ۽ ڪم ۽ اقتصادي ترقي جي نئين دور ۾ قدم رکي چڪو آهي، نئين دور جون گهرجون مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سائنسدان ۽ محقق پنهنجي ڀرپور توانائيون استعمال ڪن، خلائي تحقيق جو شعبو ان سلسلي ۾ انتهائي اهم آهي. هن اها ڳالهه انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ا??س ٽي) ۾ پنجين عالمي ايرو اسپيس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪانفرنس جي چيئرمين ۽ آءِ ا??س ٽي جي وائيس چانسلر انجنيئر عمران رحمان ۽ آءِ ا??س ٽي جي ڊين ڊاڪٽر اقبال مسعود پڻ ڳالهايو. صدر چيو ته اسان جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن بي مثال ڪارڪردگي جو مظا??رو ڪيو آهي پر اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو