اسلام آ??اد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ور??ي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان فلمي صنعت جي بحالي ۽ ترقي تي آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي فلمن جي نمائش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ موجوده پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني سئنيما انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ??ه ج??ئن فلم انڊسٽري کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستاني فلم انڊسٽري کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ??نهن ۾ صورتحال ج?? جائزو وٺڻ لاءِ ناليوارن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا