برلن -14 مئي (اي پي پي) اڳوڻي جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ”آزادي“ جي عنوان سان پنهنجون يادگيريون هلندڙ سال شايع ڪرڻ جو ا??لا?? ڪيو آهي. العربيه مطابق ان حوالي سان انجيلا مرڪل جي پبلشر ڪيپن هيور اينڊ فيچ چيو آهي، ته انجيلا مرڪل جون يادگيريون نومبر جي آخر ۾ شايع ٿي وينديون. هن چيو ته اٽڪل 700 صفحن تي ٻڌل يادگيرين جو عنوان ”آزادي“ آهي جنهن کي 26 نومبر تي شايع ڪيو ويندو. انجيلا مرڪل پنهنجي پراڻي معاون ۽ صلاحار بيٽ بومن ??ان گڏ ان ڪتاب جي تصنيف ڪئي آهي. واضح رهي ته انجيلا مرڪل هڪ اڳوڻي جاچ سائنسدان آهي، هن ڪميونسٽ اوڀر جرمني ۾ وقت گذاريو، هو 22 نومبر 2005ع تي جرمني جي پهرين عورت چانسلر بڻي. 69 سالن جي مرڪل عالمي مالياتي بحران، يورپ ۾ قرض ۽ لڏپلاڻ جي بحران ۽ ڪورونا وائرس جي وبا سميت ڪيترن بحرانن دوران جرمني جي قيادت ڪئي. پبلشنگ ??ائ??س مرڪل جي حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته اسان لاءِ آزادي جو مطلب سکڻ ڇڏڻ ناهي پر سياست ڇڏڻ کان پوءِ به اڳيان وڌڻ جي صلاحيت برقرار رکڻ آ??ي. پبلشنگ ??ائ??س چيو ته هي ڪتاب سڄي دنيا جي 30 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو. ياد رهي ته مرڪل کي فوربز ميگزين مس??سل 10 سالن تائين دنيا جي سڀ کان طاقتور عورت قرار ڏنو هو.
جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جو ”آزادي“جي عنوان سان پنهنجي يادگيريون شايع ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea