صدر پاران ايندڙ حج سيزن دوران حاجين لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ جي هدايت


اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين مذهبي معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حج سيزن جي دوران حاجين لاءِ هر ممڪن بهترين انتظام ڪيا وڃن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حاجين کي هن سال حج جي ادائيگي دوران ڪا به مشڪل پيش نه اچي. اها ڳالهه هن مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي.