پرويز رشيد پاران علي حيدر گيلاني جي محفوظ بازيابي تي مبارڪون


اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني جي ٽن سالن کانپوءِ محفوظ بازيابي تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير گيلاني خاندان کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.