اسرائيل جي سلامتي لاءِ پرعزم آهيون، جنگي اثاثا وچ اوڀر منتقل ڪري ڇڏيا آهن: فرانس


پيرس _3 آڪٽوبر (اي پي پي ) فرانس چيو آهي ته اسان اسرائيل جي سلامتي لاءِ پر عزم آهيون ۽ اسرائيل کي ايران طرفان درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي پنهنجا جنگي اثاثا وچ اوڀر منتقل ڪري ڇڏيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس، ايران جي ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان چيو آهي ته فرانس اسرائيل جي سلامتي لاءِ گذريل ڏينهن پنهنجي فوجي اثاثن کي وچ اوڀر روانو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ايران جي درپيش خطري جو مقابلو ڪري سگهجي . فرانس اهو پڻ چيو ته فرانس اسرائيل جي سلامتي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه فرانس جي سيڪيورٽي ڪابينه جي ٿيل اجلاس بعد چئي وئي . ان اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ فوجي اثاثا موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فرانس جي پرڏيهي وزير جيم نوئل بيروٽ آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڳالهيون ڪندي وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مربوط سفارتي ڪوششن تي زور ڀريو ته جيئن اسرائيل جي سلامتي جي درپيش خطري جو مقابلو ڪري سگهجي.