سعودي عرب پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو


رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعودي عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جومطالبو ڪيو آهي. روس جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعودي عرب الجزائر پاران پيش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ فوري طور تي جنگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي معيار جومظاهرو ڪرڻ کان سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪندي ٻه طرفي رياستي حل جي عزم تي زور ڀريو آهي.