برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش


برسلز-25 ڊسمبر (اي پي پي) برسلز ۾ پاڪستاني سفارتخاني باني پاڪستان قائداعظم محمدعلي جناح جي 147هين يومِ پيدائش تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. بيلجيئم ۾ پاڪستان جي سفارتخاني پاران ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته باباءِ قوم هڪ بصيرت انگيز ۽ ڪرشماتي اڳواڻ هو. جنهن اسان کي ايمان، اتحاد ۽ نفظم ۽ ضبط سان آزاديءَ سان همڪنار ڪيو.