اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن، فاٽا ۾ سڌارا علائقي جي عوام جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ اهو نيشنل ايڪشن پلان جو لازمي جز آهي، فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي علائقي جي عوام جي امنگن موجب ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه وزي??اع??م هائوس ۾ فاٽا سڌارا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪن??ي چئ??. وزي??اع??م چيو ته فاٽا ۾ سڌارن جو مقصد ملڪ جي ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيل علائقن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته فاٽا جي مستقبل جو فيصلو اتان جي عوام جي امنگن ۽ خواهشن موجب ڪيو ويندو. فاٽا جي عوام امن ۽ جنگ جي زماني ۾ تمام گه??يو?? قربانيون ڏيندي اسان جي قومي ڪاز جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز