ريوڊي جنيرو-18 نومبر (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ برازيل جي هم منصب سيولولاڊي سلوا جي دعوت تي 19 هين جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ريوڊي جنيرو پهچي ويو. چيني ميڊيا مطابق سومر ڏينهن ريوڊي جنيرو پهچڻ تي صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ برازيل سٺا دوست ۽ ??را??تدار آهن جيڪي گڏ گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. تازن سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ سهڪار جا ثمر مليا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ عالمي سطح تي گلوبل انصاف جو آواز بلند ڪندي عالمي امن ۽ ترقي لاءِ اهم خدمتون سر انجام ڏئي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اميد آهي ت?? هن دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد، سمورن ??عبن ۾ ڏي وٺ ۽ سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania