منيٰ -18 جون (اي پي پي) حاجين حج جا رڪن ادا ڪندي پنهنجي اُڃ ختم ڪرڻ لاءِ آب زم زم پيئندا ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندا رهيا. مسجد الحرام اندر فراهم ٿيندڙ اهي خدمتون گذريل 45 سالن کان جاري آهن. آب زم زم ڏيڻ جي نظام جي انتظاميه زم زم جي کوهن نگراني ڪئي، کوهن مان ڪنٽينرز ۾ ٿڌو ۽ باقاعده پا??ي فراهم ڪيو ۽ پا??ي جي ٿانون جي سار سنڀال ۽ صفائي جو به خيال رکيو. انتظاميه پا??ي جي معيار ۽ ان جي صفائي کي به يقيني بڻاويل ۽ حاجي سڳورن کي ٿڌو پا??ي پيئڻ لاءِ فراهم ڪيو. زم زم جي پا??ي جي پا??يزگي کي برقرا?? رکڻ لاءِ ان کي گدلاڻ کان پا?? رکڻ لاءِ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي معاملن جي سار سنڀال ڪندڙ جنرل اٿارٽي پا??ي جو تجزيو ڪرڻ ۽ جراثيمن کان پا?? ڪرڻ لاءِ هڪ ليباريٽري به قا??م ڪئي آهي. جراثيم ختم ڪندڙ عمل ۾ ڪيميڪلز شامل ڪرڻ کان سواءِ الٽرا وائلٽ شعاعن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مان بيڪٽيريا ۽ وائرس جي خاتمي لاءِ 99.77 سيڪڙو خاتمي جي شرح حاصل ڪئي ويندي آهي. هڪ ڪلوواٽ بجلي 12000 گيلن پا??ي کي جراثيمن کان پا?? ڪندي آهي، جڏهن ته زم زم جي پا??ي جو رنگ، ذائقو يا خ??شب?? تبديل نه ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جراثيم جي خاتمي جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي.
آب زم زم حج جي رڪنن جي ادائگي دوران حاجين جي اڃ اُجهائي
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش