جده- 01 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي امداد ۽ ان??اني خدمتن بابت شاهه سلمان مرڪز جي امدادي ايجنسي امدادي سامان جون وڌيڪ 16 ٽرڪون رفح ڪراسنگ ذريعي موڪلي ڇڏيون. سعودي پريس ايجنسي موجب شاهه سلمان مرڪز غزه لاءِ هلايل عوامي مهم تحت متاثرن کي کاڌي پيتي جي شين، دوائن، طبي لوازمات ۽ عارضي پناهگاهن لاءِ ??امان موڪلي رهيو آهي. ياد رهي ته سعودي امدادي مهم دوران ه?? وقت تائين 172 ٽرڪ امدادي سامان کڻي رفح ڪراسنگ ذريعي غزه پهتا آهن. سعودي عرب طرفان غزه جي متاثرن لاءِ ??وامي عطين واري ??هم ۾ هن وقت تائين 600 ملين ريال کان وڌيڪ جي رقم جمع ٿي چڪي آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي هدايت تي غزه لاءِ ??وامي عطيا مهم جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا