اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪس??ان جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد دوست آهي. سي پيڪ جي صورت ۾ چين جي تعاون کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، چين ۽ پاڪس??ان جا لاڳاپا ڊگها ۽ وسيع آهن، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن مش??ور چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته پاڪس??ان چين دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، پاڪس??ان کي هر شعبي ۾ چين جي تعاون جي ضرورت آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ چين بي مثال ترقي ڪئي آهي، خاص طور تي زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چين جي مدد گهربل آهي، وزيراعظم چيو ته زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪنداسين. صنعتي شعبي ۾ ترقي لاءِ پاڪس??ان جي تجربن مان فائدو وٺڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته سڀني چئلينجن مان سٺي طريقي سان نڪرنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سي پيڪ چين ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ اهم منصوبو آهي، سي پيڪ جي صورت ۾ چين جي تعاون کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. چين سيڙپڪارن کي پاڪس??ان ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته چين پاڪس??ان جو سڀني کان وڌيڪ اعتماد جي قابل دوست آهي. پاڪس??ان ۽ چين جا لاڳاپا ڊگها ۽ وسيع آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي.
چين پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد دوست آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : رومن دولت