اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل چلڊرن ايمرجنسي فنڊ (يونيسيف) جي نئين م??رر ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ يونيسيف جي پروگرام ۽ افغانستان ۾ انساني ??مد??دي بابت قدمن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم حڪومت ۽ يونيسيف جي وچ ۾ ت??او?? کي ساراهيو. هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي ??اء?? حڪومت جي اهم قدمن ۽ ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي ??اء?? پاڪستان جي ٺوس قدمن تي روشني وڌي. وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي ??اء?? حڪومت جي ترجيحي قدمن کان آگاهه ڪيو، جن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي، حفاظتي ٽيڪن جي پروگرامن ۾ وسعت، ٻارن ۾ غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ سرڪاري تعليمي نظام جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جهڙا قدم شامل آهن. وزيراعظم افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي ??اء?? پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ٻڌايو. هن گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد جي ??اء?? پاڪستان پاران قائم ڪيل ”انساني ??مد??دي جي لنگهه“ جو حوالو ڏنو. يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ پاڪستان حڪومت جي ت??او?? کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي ??اء?? يونيسيف جي عزم کي ورجايو. هن افغانستان ۾ يونيسيف جي ڪم ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد تي پڻ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. يونيسيف پاڪستان جو هڪ اهم ترقياتي حصيدار آهي ۽ حڪومت سان خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن بابت مسئلن جي حل جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ