بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هڪ طرف اڄ قوم ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ته ٻئي طرف لاهور ۾ ڏوهاري م??ڻهن هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن به انهن جي ڪيسن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اهي سڀ چور گڏ ٿي وڃن ٿا، انهن جي ملاقاتن سان اسان ??ي فرق نه ٿو پوي، شهباز شريف کي پيٽ ڦاري آصف علي ??رداري کان قوم جو ڦريل پئسو ڪڍرائڻو هو پر اڄ بلاول ۽ زرداري پاڻ هلي ??هباز شريف وٽ ويا، جن ماڻهن جي عزت نفس نه هجي انهن جي صورتحال ڪجهه اهڙي طرح رهي ٿي جيڪا اڄ قوم ڏٺي، انهن جي سياست ۽ گڏيل اتفاق ۽ اختلاف جو مرڪزي بنياد ڪرپشن ۽ ان جو تحفظ آهي، ٻئي پارٽيون قومي ناڻو ڦرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ نوراڪشتيءَ ڪن ٿيون، هاڻي وزيراعظم ??مران خان جي سياسي م??الفت ۾ هڪ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم ??مران خان جي چين جي دوري جي حوالي ??ان تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم ??مران خان اڄ چين ۾ مصروف ترين ڏينهن گذاريو، وزيراعظم ??در شي جن پنگ پاران مختلف مملڪتي سربراهن جي م??ن ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم ??مران خان جي پنهنجي وفد سان ??ڏ چين جي وزيراعظم ??ان ملاقات ٿي ۽ ان ??انپوءِ وزيراعظم ??ي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان پڻ ملاقات ٿي. انهن ٽنهي ملاقاتن ۾ عالمي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چين جي وزيراعظم ۽ ازبڪستان جي صدر سان ??شمير ۽ افغانستان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو آهي ته هو ڪشمير جي م??ئلي ??ي پاڪستان سان ??ڏ بيٺل آهي، عالمي برادري پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ چين ان موقف تي پاڪستان سان ??ڏ آهي. اهڙي طرح وزيراعظم ??مران خان ??ين جي تائيوان ۽ هانگ ڪانگ جهڙن اهم مسئلن تي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين معاشي ۽ سيڪيورٽي م??املن ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، وزيراعظم ??ي چين جي دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ سگهه اختيار ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان ۽ چين جي صدر جي وچ ۾ سڀاڻي هڪ ملاقات ٿيندي جنهن ۾ افغانستان ۽ ڪشمير سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ان ??انپوءِ وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويندو. هن چيو ته هن وقت سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي ??ان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، وڌيڪ تفصيل اڄ جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڪمنٽمينٽس ٿيون آهن، انهن جا تفصيل جاري ڪري رهيا آهيون. آصف علي ??رداري ۽ بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف جي ملاقات جي حوالي ??ان ??الهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف کي ته پيٽ ڦاڙي آصف علي ??رداري کان قوم جو ڦريل پئسو ڪڍرائڻو هو، اڄ بلاول ۽ آصف زرداري پاڻ شهباز شريف جي گهر هليا ويا آهن. جن ماڻهن جي عزت نفس نه هجي ائين ئي ٿئي ٿو جيڪو اڄ پاڪستان ۾ سڀني ڏٺو. هن چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان جي ڍيلي ڍالي موومينٽ آهي، اها هڪ ڏينهن ڪجهه ۽ ٻئي ڏينهن ڪجهه هوندي آهي ۽ ٽئين ڏينهن جي حالت ڪجهه ٻي هوندي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان ??ئي رهيا هئاسين ته اهي م??ڻهو ڪڏهن جدا نه آهن، عمران خان جي دشمني ۾ اهي سڀ گڏ آهن ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن قوم ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، اسان ??ٺو ته پاڪستان جي سڀني ڪرمنلز هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ماڊل ٽائون ۾ گڏ ٿيا. جڏهن به انهن جي ڪيسن ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اهي گڏ ٿي وڃن ٿا. اسان اها ڳالهه بار بار ورجائيندا رهيا آهيون ته هي ڪرمنلز جي گينگ آهي جيڪي پاڪستان ۾ ان وقت گڏ ٿين ٿا جڏهن انهن جي ڏوهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي يا انهن کان ??ريل دولت پاڪستان واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. انهن جي ملاقاتن سان نه ته اسان ??ي اڳ ۾ ڪو فرق پيو آهي نه هاڻي ڪو فرق پوندو. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر آهي، رڳو تحريڪ انصاف وفاق جي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ سموريون پارٽيون علائقائي پارٽيون آهن، (ن) ليگ سينٽرل پنجاب ۽ پيپلزپارٽي اندرون سنڌ جي پارٽي آهي. اڄ اهي م??ڻهو پنهنجي هڪ ساٿي فضل الرحمان ??ي به وسري ويا آهن جيڪو شايد ڪراچي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيو آهي، ان ??ي به گڏ وٺي وڃن ها ته سٺو ٿي وڃي ها ۽ هم پانڇ بدران هم ڇهه جي سيريز هجي ها، جيڪو ڊرامو پوري قوم اڄ ڏٺو آهي، اهو هم پانڇ کان هم ڇهه تي هليو وڃي ها. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جي ملاقات سينيٽ ۾ بدترين شڪست جو نتيجو آهي، اهڙي قسم جون ڪيتريون ٻيون شڪستون اپوزيشن جو مقدر آهن، جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي انهن ۾ صبر جو پئمانو ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انهن کي لڳي رهيو آهي ته ايندڙ اليڪشن به انهن جي هٿ مان نڪري رهي آهي، ان لاءِ انهن ايندڙ اليڪشن گڏجي وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ??ذريل ڀيري به انهن کي شڪست ڏني هئي، هاڻي ٻيهر به انهن کي بري شڪست ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ??مران خان پرڏيهي پاليسي جو محاذ سنڀالي ??کيو آهي، پاڪستان جي م??يشت هجي، پرڏيهي پاليسي هجي يا گهرو پاليسي، پاڪستان سمورين پاليسين ۾ اڳتي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم ??مران خان نئون پاڪستان جو جيڪو خواب قوم کي ڏيکاريو هو، اهو ضرور پورو ٿيندو.
هڪ طرف اڄ قوم ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ته ٻئي طرف لاهور ۾ ڏوهاري ماڻهن هڪ ٻئي سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا