اسلام آباد – 07 جنوري (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه ڄمون ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آهي پر اڳوڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار انساني الميي، سياسي تباهي ۽ فاشٽ ڀارتي حڪ??مت پاران معصوم ڪشميرين جي نسلن جي ??نساني حقن کان مسلسل انڪار جو اداس چهرو پيش ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برلن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ??هتمام هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير يوم حق خود اراديت جي ??والي سان ويبنار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ظلم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حد?? کان نڪري پوري ڀارت ۾ پکڙجي ويا آهن ڇو ته ڀارت جي ??ندر به بي ج?? پي حڪ??مت ۾ اقليتن کي اهڙي ئي صورتحال درپيش آهي. انهن حالتن وزيراعظم عمران خان جي ??لائقائي رابطن ۽ خوشحالي جي ويزن جي ??ستي ۾ رڪاوٽون اڀيون ڪري ڇڏيون آهن جنهن جي ڪري خطي جا اربين ماڻهو مصيبتن جو شڪار آهن. وفاقي وزير چيو ??ه ڄمون ۽ ڪشمير پاڪستاني عوام جي ??لين جي گهڻو ويجهو آهي ۽ پرامن پاڪ ڀارت لاڳاپن جو خواب ڀارتي حڪ??مت جي ??نتهاپسنداڻي نظريي جي هٿان شڪست کائي چڪو آهي، هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته ان کي ڀارت کي معصوم ماڻهن تي وحشياڻو ظلم بند ڪرڻ، والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻ ۽ گڏيل قومن سان تعاون تي راضي ڪرڻ گهرجي. جرمني ۾ پاڪستان جي ??فير ڊاڪٽر محمد فيصل شرڪت ڪندڙن جي ??جيان ڪئي ۽ چيو ته عالمي برادري جو ڄمون ۽ ڪسمير جي ??وام سان حق خود اراديت جو واعدو ڀارتي هٺ ڌرمي جي ڪري گذريل 73 سالن کان عملدرامد جي گهرجائو آهي. سفير ڊاڪٽر فيصل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سان آزادي ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حق خود اراديت جي ??جازت ملڻ تائين پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيـٺل رهندو.
ڄمون ۽ ڪشمير ڪو علائقائي تڪرار نه آهي پر اڳوڻي رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جو معاملو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores