اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌر?? فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي رپورٽنگ کانسواءِ عد??يه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عد??يه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي رپورٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالت??ن ميڊيا رپورٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي رپورٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عد??يه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي ??زير چيو ته عد??يه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خبرن تي عد??يه نوٽيس وٺندي آهي انهن خبرن جو حقيقي ??جڻ ضروري آهي. چوڌر?? فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عد??يه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي ??زير چيو ته صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي ??زير چوڌر?? فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عد??ل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.