اسلام آب??د – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سع??دي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سع??دي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سع??دي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سع??دي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دوري دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ