اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو م??ڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون جنهن ادارن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، قانون جي عملداري ملڪن جي ترق?? ۽ ??وشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمران?? ۽ ??نصاف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪر?? ۽ ??والن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو م??ڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جن??ن ملڪ جو وزيراعظم ۽ و??ير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، ان??ن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳايا جن??ن مان انهن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،
پاڪستان تي اشرافيه قابض رهي جنهن جي ملڪ پوئتي رهجي ويو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد