ڪلرسيدان – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستحق ۽ ڪمزو?? طبقن کي مالي مدد جي فراهمي حڪومت جي ذميداري آهي، اهو ڪو احسان نه آهي، مستحق ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ مدد ڪنداسين، مستحق ماڻهن تائين انهن جو حق پهچائڻ جي لاءِ شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، غير مستحق ماڻهن کي احساس پروگرام جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي، مفت علاج جي لاءِ ڪمزو?? طبقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت به فراهم ڪري رهيا آ??يون، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي ڪم جاري آهي، اين جي او سان گڏجي مستحق ماڻهن کي ڇت فراهم ڪئي ويندي، احساس ڪ??الت پروگرام جي ٻي مرحلي ۾ 70 لک مستحق خاندانن ۾ منصفاڻي طريقي سان رقم ورهائي ويندي. هن اهڙن خيان جو اظهار ڪلرسيدان ۾ احساس ڪ??الت پروگرام جي ٻي مرحلي جي آغاز جي موقعي تي مستحق ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تحت مالي مدد جي معاشري جي انهن ڪمزور ۽ مستحق ماڻهن کي فراهمي حڪومت جو احساس نه پر فرض آهي، جيڪي مشڪلاتن جو شڪار آهن. حڪومت مستحق خاندانن کي هيلٿ ڪارڊ به فراهم ڪندي جنهن تحت اهي ڪنهن به اسپتال مان ساڍا ست لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا. وزيراعظم چيو ته احساس ڪ??الت پروگرام تحت مستحق ماڻهن کي مالي مدد جي فراهمي جاري رهندي، ان کانسواءِ اخوت اين جي او سان گڏجي معاشري جي ڪمزور ترين طبقن جي لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن، نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي به ڪم جاري آهي ۽ اهو انهن مزدورن جي لاءِ آهي جيڪي گهر خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.
مستحق ۽ ڪمزور طبقن کي مالي مدد ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی