اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او س??) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او س?? پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??وو?? – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ??لڪ ۾ ??وو?? – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ??وو?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ??لڪ ۾ ??وو?? – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ??وو?? – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ??لڪ ۾ ??وو?? 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II