اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ ج?? وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ ج?? وسيع ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ ۽ ٽيليڪام سيڪٽر جي حوالي سا?? لاڳاپيل اشوز جي حل جي حوالي سا?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاگردن تائين انٽرنيٽ ج?? آسان پهچ ۽ سستي پئڪيج جي فراهمي جي حوالي سا?? پڻ قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ ج?? ڪوريج کي يقيني بڻا??ڻ جي حوالي سا?? يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم تعليم جي فروغ جي حوالي سا?? ٽيلي اسڪولنگ ۽ انٽرنيٽ ج?? ذريعي تعليم جي فراهمي جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته نوجوانن جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ٽيليڪام شعبي بابت معاملن تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania