اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، انهن ن??م نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بن??اد?? انساني قدرن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پنهنج?? سرزمين تي قيد ڪري رکيو آهي، اهڙي بن??اد?? حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال مل?? ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بن??اد?? انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں