اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته فاٽا جي ا??ضمام کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو، اڳوڻي حڪومت ۾ جهلم، لوڌران، راجن پور، چڪوال ۽ ٻين ضلعن ۾ مخصوص طريقي سان پئس?? خرچ ڪيا ويا جنهن جي ڪري ا??ي علائقا ان رفتار سان ترقي نه ڪري سگهيا جنهن رفتار سان لاهور ۽ ٻين ضلعن ترقي ڪئي آه??، ايوان ۾ تقريرون ڪرڻ ته آسان آه?? پر عملي ڪم ۾ ساٿ نه ٿو ڏنو وڃي، قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ٺاهڻ جي لاءِ اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجو نمائندو نامزد ناهي ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته جڏهن فاٽا جو انضمام ٿي رهيو هو ته ان وقت واعدو ڪيو ويو هو ته اين ايف سي جي شيئرز ۾ فاٽا جو حصو رکيو ويندو، جڏهن اين ايف سي ا??وارڊ جوڙڻ جو مرحلو آيو ته سنڌ حڪومت اڃا تائين پنهنجو نمائندو ئي نامزد ناهي ڪيو.
فاٽا کانپوءِ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جو ڪريڊٽ به عمران خان ڏانهن ويندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : راکی