راولپنڊي– 12 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه آچر ڏينهن ڏکڻ وزيرستان ايجنسي جو دورو ڪيو ۽ اڳين مورچن تي مقرر فوجين سان وقت گذاريو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور جي آمد جي موقعي تي آرم?? چيف کي جنرل آفيسر ڪمانڊنگ طرفان ڏکڻ وزيرستان ايجنسي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي صورتحال سميت سرحدي انتظام ۽ عارضي طور تي بي گهر ماڻهن جي نئين سر آبادڪاري بابت بريفنگ ڏني وئي، آپريشنل ڪاميابين،ترقياتي ڪمن ۽ بهتر سرحدي انتظام ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي پنهنجو اطمينان ظاهر ڪندي آرم?? چيف علائقي ۾ جٽادار امن قائم ڪرڻ لاءِ استحڪام جي سر??رم??ن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي گهڻو ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش