اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام کي درپيش بنيادي مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ لگن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن?? بجلي جي وڏن وڏن منصوبن سان گڏوگڏ ملڪي ۽ علائقائي مواصلاتي منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن سان ملڪ جو منظرنامو ۽ قسمت بدلجي ويندي. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ميمبر (اين اي 162 ساهيوال) چوڌري محمد ظفيل سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترقياتي ۽ فلاحي اسڪيمن جو مقصد عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي ۽ پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ۽ خوش??ال ملڪ بڻائڻ آهي جتي هر شهري کي هڪ جهڙا موقعا دستياب هجن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ