اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته هن سال محرم الحرام دوران پوري قوم بي مثال يڪجهتي ج?? مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عاشوره محرم پوري عزت ۽ احترام ۽ ڪامل امن ۽ سڪون سان ملهايو ويو. وزيراعظم هائوس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم نواز شريف چيو ته قانو?? لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انهن جو هر ميمبر مهرباني جو مستحق آهي جن جي فرض شناسي ۽ ذميدارين سان چاهه سبب پاڪستان جي دشمنن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪا به ??اميابي نه ملي. وزيراعظم ان موقعي تي وطن واسين کي ان جي بلند شعور ۽ احساس ذميداري تي ساراهيو جنهن نه رڳو چستي ج?? مظاهرو ڪيو پر هي باور ڪرايو ته پاڪستاني قوم تيزي سان فروعي تفريق کان اڳتي نڪري رهي آهي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم