نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر ر??ب طيب اردوان غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي ??ڏي?? قومن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطيني سرزمين کي ”ٻارن ۽ عورتن جي دنيا جي سڀ کان وڏي قبرستان“ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، نيتن ياهو ۽ ان جي قتل عام جي نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن لبنان جي حمايت پڻ ڪئي جتي اسرائيل حزب الله کي نشانو بڻائيندي وڏي پئماني تي حملا ڪيا هئا. تر?? صدر وچ اوڀر جي علائقي کي جنگ ۾ گهسيٽڻ تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. ر??ب طيب اردوان چيو ته غزه ۾ نه رڳو ٻار پر ??ڏي?? قومن جو نظام پڻ مري رهيو آهي، حقيقت ۾ اهي قدر جن جي دفاع جي اولهه دعويٰ ڪري ٿو دم ٽوڙي رهيو آهي، آئون کلي دل سان پڇان ٿو ته ڇا غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ رهندڙ انسان نه آهي؟. تر?? صدر ??ڏي?? قومن جي سلامتي ??ائونسل کي جنگ کي روڪڻ جو حڪم ڏيڻ ۾ ناڪامي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ??ڏي?? قومن جي 5 مستقل ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته ”دنيا 5 کان وڏي آهي، ??ڏي?? قومن جي سلامتي ??ائونسل، توهان غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي روڪڻ ۽ ان ظلم، ان ڏاڍ کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن؟“ ر??ب طيب اردوان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ”نيتن ياهو ۽ ان جي قاتل نيٽ ورڪ“ کي روڪڻ جي لاءِ اسرائيلي وزيراعظم جي نازي جرمني جي ايڊولف هٽلر سان ڀيٽ ڪريو، جهڙي طرح هٽلر کي 70 سال اڳ انسانيت جي اتحاد روڪيو هو، اهڙي طرح نيتن ياهو ۽ ان جي قاتل نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪڻ گهرجي. لبنان تي اسرائيلي حملن جي تازه ترين لهر تي تر?? صدر چيو ته توهان قتل عام جي نيٽ ورڪ کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪهڙيءَ شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيو جيڪا فلسطيني عوام سان گڏ??گڏ پنهنجي شهرين جي زندگين کي پڻ خطري ۾ وجهي ٿو ۽ پوري خطي کي جنگ ۾ گهسيٽي ٿو. اردوان غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته فوري ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ گهرجي، يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ۽ غزه تائين انساني امداد بنا روڪ ٽوڪ ۽ بنا تعطل پهچائڻ گهرجي.
ترڪيه جي صدر جي غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز