اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي رابطن جي فروغ جي قدمن جي حمايت ڪندي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي ايس سي او جي 6 منظور ٿيل رستن سان ڳنڍڻ جي آڇ ڪئي آهي جيڪي يورو ايشيا، چين، روس ۽ وچ ايشيا کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ جو هڪ موثر ذريعو بڻجڻ جي صلاحيت ۾ تمام گهڻو ??ضا??و ڪندا. هن اها ڳالهه ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل راشد عليموف سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. پ??ڪستان کي ايس سي او جي مڪمل ميمبرشپ ملڻ کانپوءِ ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جو اهو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. وزيراعظم ايس سي او ج?? ميمبرشپ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان انهن جي حمايت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيندي ثقافتي واڌوي??هه ۽ گ??يل ترقي جو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام، مفاد ۽ برابري تي ٻڌل جذبه شنگهائي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي رابطن جي فروغ جي قدمن جي حمايت
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش