اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحران واري صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي پاڻي پاليسي تي ??مل??رآمد جي لاءِ رهنما اصولن تي ٻڌل مسودو جوڙيو وڃي. هو نيشنل واٽر ٽاسڪ فورس جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ حڪومتي ادارن جي واٽر سيڪٽر جي اعليٰ ??مل??ارن ۽ پاڻي شعبي ۾ وسيع تجربو رکندڙ تعليمي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير اعليٰ سطحي قومي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جي??و ملڪ ۾ پاڻي جي تحفظ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري. واضح رهي ته 1947ع ۾ پاڪستان ۾ في ڪس ساليانو پاڻي جي دستيابي 5 هزار 260 ڪيوبڪ م??ٽر هئي جيڪا 2018ع ۾ هڪ هزار ڪيوبڪ م??ٽر کان به گهٽ سطح تي اچي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر