نيويارڪ – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪي ڪمپنين کي چيو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? ڪن، جتي انهن جي لاءِ محفوظ ماحول، دلڪش منافعو ۽ ان جي سندن ملڪ ۾ منتقلي کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستان آمريڪا بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ مانجهاندي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان 2025ع ۾ دنيا جي 20 وڏي معاشي طاقتن ۾ شامل ٿي ??يندو، ان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سال عمر کان گهٽ ۽ 10 ڪروڙ مڊل ڪلاس عوام تي ٻڌل هوندي. مانجهاندي ۾ وڏين آمريڪي ڪمپنين جي س??براهن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ هر قسم جو پوٽينشل موجود آهي، جن??ن کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا جي نائب صدر مائيڪ پينس سان ٿيندڙ ملاقات لاڀائتي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت