اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (ا?? پي پي) صدر ممنون حسين جي سربراهي ۾ جوڙيل فيڊرل گورنمينٽ آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ايوان صدر ۾ منعقد پنجين اجلاس ۾ 34 ضرورتمند فنڪارن لاءِ 90 لک روپين کان وڌيڪ گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي جيڪا سمورن صوبن مان نمائندگي ڪندڙ فنڪارن ۾ ورهائي ويندي. صدر ان موقعي تي چيو ته فنڪار اسان جو اثاثو آهن هو ملڪ ۽ پرڏيهي ملڪ پاڪستاني ڪلچر ۽ پاڪستان جو سافٽ اميج متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آه?? ان لاءِ فنڪارن جي حوصل?? افزائي لاءِ حڪومت ڪميٽي جوڙي آهي ته جيئ?? انهن جي مالي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي ۽ ضرورتمند فنڪارن ۽ اداڪارن جي بروقت ۽ بنا فرق جي مدد ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں